Saturday, January 8, 2011

Jabbar Bozdar


sindhipoetry@hotmail.com
منهنجي نيڻن ۾ صحرا ٿر جو آ 
تنهنجي نيڻن ۾ ڄامشورو آ
ڍاپندا گل ماڪ مان ناهن
جيترو پيار ڏين تون ٿورو آ
انگ تنهنجا پيا پرين ڇلڪن
تنهنجو جوڀن مئي ڪٽورو آ
تنهنجي الهڙ وهي جوسنهن مونکي
چاه منهنجو نئون نڪورو آ
پيار خوشبو هوا جيان هلڪو
۽ وڇوڙو پرين هي ڳورو آ
تو سوا ائن جبار ويو اُجڙي
ڄڻ ته هو ٻار ڪو ئي ڇورو آ

نيڻ چپ ڳل رهيا اداس اداس
پيار جا پل رهيا اداس اداس

رات  راڻو به  ڪينڪي وريو
ڪيڏا ڪاڪل رهيا اداس اداس

روشني رنگ محبتون نه مليون
دل جا سڀ گل رهيا اداس اداس

نيڻ  آگم جيان  نڪي  برسيا
رات بادل  رهيا اداس اداس

تنهنجي هڪڙي نهار جي خاطر
تنهنجا پاڳل رهيا اداس اداس

ڪين جبار  تون وري  آئين 
تو لئي آنچل رهيا اداس اداس

No comments:

Post a Comment